ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو

ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو: ٺٽي جو مخدوم اسحاق ، شيخ بهاءُ الدين زڪريا جو مريد هو. فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بينظير هو. ٺٽي ۾ پنهنجي محلي ۾ موجود جامع مسجد ۾ مدرسو قائم ڪيائين، جتي قرآن، حديث ۽ فقہ جي عام تعليم ڏيندو هو. سندس ٻه صاحبزادا مخدوم احمد ۽ محمد پڻ انهيءَ ساڳي ئي مدرسي ۾ پڙهيا. مخدوم محمد ڀٽيءَ ظاهري علمن جي تحصيل پنهنجي والد بزرگ کان پرائي ۽ پنهنجي پيءُ وانگر انهيءَ ساڳئي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل قائم رکيائين. مخدوم محمد باطني علمن جي صفائيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگهندو هو. مخدوم احمد به وڏو ولي ۽ بزرگ عالم هو، هميشه گوشه گمناميءَ ۾ گذاريندو ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهندو هو. سندس ان مجاهدي جي ڪري وقت جو حاڪم ڄام نظام الدين به سندس عقيدتمند ٿي رهيو. مخدوم احمد پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد کي ساڳئي مدرسي ۾ قرآن، حديث ۽ فقہ جي پڙهائڻ ۾ مدد ڪندو هو. اهو سلسلو سندن پوين تائين قائم رهيو. سندس بزرگن جي اولاد مان وڏا وڏا عالم، عارف، فاضل، اديب، شاعر، خدا جا نيڪ ٻانها ۽ ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو